تمبو دڙو

تمبو دڙو (Tambu Mound) (ماڳ ):قديم ٻوڌي دور جو هي دڙو بلوچستان جي ضلعي ڀاڳناڙي جي ڳوٺ تمبو ۾ واقع آهي. 1903ع ۾ هن دڙي تان ٻه ٺڪر جون چڪيون (Seals) لڌيون هيون، جيڪي برهمي لپيءَ ۾ لکيل هيون ۽ پڙهيون ويون آهن. انهن چڪين تي 5 ٺلهه به اڪريل آهن. اهي چڪيون عالمن جي نظر ۾ 8 صدي عيسوي جون آهن. هنن چڪين تي برهمي لپي ۾ سنسڪرت ٻولي ۾ ڪي شبد لکيل آهن. هن قسم جون ٺيڪري مهرون (Seals) هندوستان جي اتر وارن علائقن مان ڪافي تعداد ۾ مليون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو